شڪارپور جي ايس ايس پي ۽ ايم پي اي شهريار مهر ۾ اختلاف تيز

0
562

شڪارپور: ايس ايس پي شڪارپور جي پريس ڪانفرنس کانپوء جي ڊي اي اڳواڻ ۽ ايس ايس پي ۾ اختلاف تيز ٿي ويا. جي ڊي اي اڳواڻ ايم پي اي شهريار مهر ايس ايس پي شڪارپور ڪامران نواز خلاف آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ۽ وزيراعليٰ سنڌ کي خط لکي ڇڏيو، شهريار مهر پاران لکيل خط ۾ ايس ايس پي شڪارپور مٿان سنگين الزام لڳائيندي چيو ويو آهي ته ضلعي شڪارپور ۾ اغوا ڦرون ۽ قتل جون وارداتون وڌي ويون آهن پر ايس ايس پي شڪارپور رڳو ڪرپشن ڪرڻ ۾ رڌل آهي، خط جي متن ۾ لکيل آهي ته شڪارپور ضلعي اندر جوا جا اڏا، منشيات ۽ تيل جي اسمگلنگ سميت غير قانوني شيون عروج تي آهن پر ڪٿي به پوليس نظر نه ٿي اچي، ايس ايس پي ڪامران نواز ناڪام آفيسر آهي ضلعي اندر دهشتگردي جهڙي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، عدالت پاران نوٽيس وٺڻ باوجود ضلعي اندر سڀ ڪجهه صحيح آهي جو راڳ آلاپيو پيو وڃي. ڪجھه ايس ايڇ اوز ،ننڍا وڏا منشي ڏوهارين جا ساٿي آهن جيڪي ايس ايس پي جي آشيرواد سان ڏوه ڪرائي رهيا آهن،جن جا ثبوت پڻ هن وٽ موجود آهن.