شڪارپور(رپورٽر) شڪارپور جي آئي بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوران تعليم کاتي خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو، اميدوارن سالڪ سومرو، شيراز صديقي عطاءُ الله چنو، سمير سومرو ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته حڪومت پاران 15 اپريل 2024 کان پابندي ختم ڪئي وئي آھي پر تعليم کاتي جا آفيسر سست رفتاري وارو مظاهرو ڪري رهيا آھن، اميدوارن جو وڌيڪ چوڻ هو ته تعليم واري وزير جو اعلان آھي ته ويٽنگ ۾ ويٺل اميدوارن کي اسين 2025ع تائين آفر ليٽر ڏيڻ جا پابند هونداسين، هنن چيو ته تعليم واري وزير جي اعلان باوجود شڪارپور تعليم کاتي جا آفيسر چون ٿا ته جولائي 2024ع ۾ ڀرتي وارو فيز آخري هوندو، اميدوارن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ضلعي انتظاميا ڊي آر سي ۾ دير ڪري اسان جو مدو خارج ڪرڻ لاءِ مصروف آھي، احتجاج ڪندڙن جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان جا نگران سرڪار ۾ 10 مهينا اڳ به ضايع ٿي چڪا آھن، جيڪڏھن مطالبا نه مڃيا ويا ته احتجاج جو دائرو وڌائينداسين.