اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شيري رحمان سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي رڪارڊ ڪيسز ۽ فوتگين ۾ واڌ کان پوءِ مڪمل لاڪ ڊائون جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. شيري رحمان پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي اين سي او سي جا ڪورونا بابت جاري ڪيل انگ اکر شيئر ڪيا. هن چيوته پاڪستان ۾ اڄ به ڪورونا جي هاڪاري ڪيسز جي شرح تيزي سان وڌي رهي آهي. هاڻ وقت آهي ته سمورن اجتماعن سميت سموريون شيون بند ڪيون وڃن.شيري رحمان وڌيڪ چيو ته ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسز سبب پابندي لاءِ 2 هفتن جو انتظار نه ڪيو وڃي. صوبا پنهنجي طور تي وڌيڪ ڪم نٿا ڪري سگهن.