ڪراچي: ڪراچي جي پوش علائقي بوٽ بيسن ۾ واقع شيرين جناح ڪالوني   منِشيات جو ڳڙهه بڻيل آهي، انهي ڪالوني ۾ منشيات سپلاءِ ڪرڻ دوران سي آءِ اي ڄامشوري جا اهلڪار پوليس موبائل ۽ سرڪاري هٿيارن سان پڪڙجي پيا هئا، ڊفينس ۾ واقع نجي يونيورسٽين، ڪاليجن ۽ اسڪولن ۾ منشيات  آساني سان پهچي وڃي ٿي، ڏکڻ ضلعي جي پوليس منشيات جي انهن اڏن کي ختم نه ڪري سگھي آهي، نائيٽ پارٽين ۾ منشيات جي استعمال سبب جھيڙا ٿيڻ معمول بڻيل آهن، تازو ٿيل جھيڙي جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان  فوت ٿي ويو، جنهن جو ڪيس درخشان ٿاڻي تي داخل آهي. نيوڪراچي انڊسٽريل ايريا، نيوڪراچي، سهراب ڳوٺ ۽ ملير جو کوهي ڳوٺ منشيات جا ڳڙهه بڻيل آهن