شيخ ڀرڪيو (ن پ ا)  شيخ ڀرڪيو ۾ ڇتن ڪتن ٽن ڳوٺاڻن کي ڏاڙهي وڌو آهي. ڳوٺ بشير بروهي ۾ ڪتن جاني بجاڻي محبوب بروهي ۽ عبدالرحمن شيخ کي  ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو، جن کي صحت مرڪز شيخ ڀرڪيو آندو ويو، جتي ويڪسين نه هئڻ ڪري ٽنڊو محمد خان اسپتال نيو ويو. ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته ڪتن جو آزار وڌي ويو آهي وڏا ماڻهن توڙي ننڍا ٻار گهران نڪري به نٿا سگهن. روزانو ڪتا ٻن ٽن ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪريو ڇڏين. هنن ضلعي ٽنڊو محمد خان جي انتظاميه کان گهر ڪئي ته ڪتا مار مهم شروع ڪري ڪتن جي آزار کان بچايو وڃي.