شوبز جي دنيا ظالم: جيترو ڏيندي آهي اوترو وٺندي آهي: ڪرن تعبير

0
237
شوبز جي دنيا ظالم: جيترو ڏيندي آهي اوترو وٺندي آهي: ڪرن تعبير
شوبز جي دنيا ظالم: جيترو ڏيندي آهي اوترو وٺندي آهي: ڪرن تعبير

لاهور (شوبز نيوز) اداڪارا ڪرن تعبير چيو آهي ته شوبز جي دنيا تمام گهڻي ظالم آهي جيترو ڏيندي آهي ان کان وڌيڪ کسي وٺندي آهي

هن سوشل ميديا صارفين کي سوالن جا جواب ڏيندي چيو آهي ته شوبز جي دنيا جيتري شهرت ڏيندي آهي اوترو ئي سڪون کسي وٺندي آهي ڪرن تعبير چيو ته شوبز جي دنيا مصنوعي آهي ڊپريشن جي ور چاڙهي ڇڏي ٿي

هن جو چوڻ هو ته ڪنهن به ميدان کان ٻاهر موجود ماڻهو کي ميدان ڏاڍو خوبصورت نظر ايندو آهي پر جڏهن هو ان م داخل ٿيندو آهي ته هن کي ان جا هاڪاري ۽ ناڪاري پاسا نظر ايندا آهن

هن چيو ته سڪون حاصل ڪرڻ لاءِ مان شوبز جي دنيا کان ڪجهه پري ٿي وئي آهيان بهتر زندگي لاءِ گهڻي شهرت کان پاسي تي رهڻ سٺو آهي