ڪراچي: آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ پوليس کي هدايت ڪئي آهي ته اڄ 4 اپريل تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي ڪانٽيجنسي پلان تي عمل ڪيو وڃي،  سنڌ جي سرحدي علائقن سان گڏ ڳڙهي خدابخش ۽ نئون ديرو ڏانهن ويندڙ رستن تي گشت، پڪٽنگ ۽ اسنيپ چيڪنگ کي موثر بڻايو وڃي، ڳڙهي خدابخش جي مکيه رستن تي ٿيل حددخلين کي فوري طور ختم ڪرايو وڃي، ڳڙهي خدابخش ۽ نئون ديرو جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ بم ڊسپوزل اسڪواڊ ۽ ايڊوانس انٽيليجنس ڪليڪشن سان گڏ سويپنگ ۽ ڪليئرنس عمل کي يقيني بڻايو وڃي، پوليس ٿاڻا مختلف قافلن کي علائقي مان گذارڻ جي حوالي سان وائرليس ڪنٽرول تي انٽريز پڻ ڪرائيندا،  جيڪڏهن ڪو به شڪي شخص يا سرگرمي، ڪو به لاوارث ٿيلهو، پارس، گاڏي وغيره يا ٻيو سامان نظر اچي ته  شهري فوري طور 15 هيلپ لائين يا ويجهن ٿاڻن، ڊي آءِ جيز، ايس ايس پيز آفيسن کي اطلاع ڪن