سکر (بيورو رپورٽ) پ پ ايم پي اي شهناز انصاري قتل ڪيس وارو معاملو، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ قتل ڪيس جي جوابدار طرفان ضمانت لاءِ داخل درخواست جي ٻڌڻي 22 نومبر تائين ملتوي، سنڌهاءِ ڪورٽ سکر بئنچ پاران مقتول پ پ ايم پي اي شهناز انصاري جي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار اختر کوکر جي ضمانت واري داخل درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، مقتول يم پي اي شهناز انصاري جي ڌيءَ ڊاڪٽر فاطمه وڪيل معرفت عدالت ۾ پيش ٿي جوابدار اختر کوکر جي ضمانت واري درخواست رد ڪرڻ جي عدالت کي استدعا ڪئي، عدالت قتل ڪيس جي جوابدار جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي 22 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.