فريدآباد (ن پ ا) فريدآباد کي تعلقي جو درجو ڏيارڻ لاءِ فريدآباد تعلقي جدوجهد ڪاميٽي جي اڳواڻن سرمد بروھي، ميھر علي ڏيرو، پ پ اڳواڻ غلام نبي مڱڻھار،عوامي تحريڪ اڳواڻ ايڊووڪيٽ مختيار کوسو، نوجوان شاگرد اتحاد جي اڳواڻ عبدالرزاق ٻڳھيو، ايس ٽي پي اڳواڻ عبدالفتاح گائينچو، سينگار چانڊيو ۽ ٻين احتجاجي مظاھرو ڪري سٽي گيٽ تي ڌرڻو ھنيو، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته فريدآباد تاريخ ساز شھر سان گڏ وڏي آبادي تي مشتمل ھڪ شھر آھي، دادو ضلعي جي نئين ٿيندڙ تڪبندين ۾ فريدآباد ڪاڇي جي عوام کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي، ھنن مطالبو ڪيو ته پاڻي، بجلي، روڊ، رستن، تعليم صحت ۽ ٻين سھولتن کان محروم عوام کي نظر ۾ رکي نئين تڪبندين ۾ فريدآباد کي تعلقي جو درجو ڏئي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.