لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان جو نوجوان جبل چاڙهو شهروز ڪاشف مائونٽ اناپورنا کي سر ڪري ورتو، 8 هزار 91 ميٽر بلند اناپورنا دنيا جي ڏهين بلند ترين چوٽي آهي. شهروز ڪاشف پاڪستاني وقت موجب 6 لڳي 31 منٽن تي اناپورنا ٽاپ تي پهتو. نوجوان پاڪستاني جبل چاڙهو هن وقت تائين 8 هزار ميٽر کان بلند 11 چوٽيون سر ڪري چڪو آهي. 21 سالن جي شهروز ڪاشف 8 هزار ميٽر کان بلند 11 چوٽيون سر ڪندڙ دنيا جو ننڍي عمر جو جبل چاڙهو بڻجي ويو، اهو 11 بلند چوٽيون سر ڪندڙ ٻيو پاڪستاني جبل چاڙهو آهي. ان کان اڳ گلگت سان تعلق رکندڙ سرباز علي خان هن وقت تائين 12 بلند ترين چوٽيون سر ڪري چڪو آهي. شهزور ڪاشف 8 هزار ميٽر کان بند سموريون 14 چوٽي سر ڪندڙ ننڍي عمر جو ايٿليٽ بڻجڻ چاهي ٿو، اهو ايندڙ مرحلي ۾ دائولاگيري جي چوٽي سر ڪندو.