شھدادڪوٽ (رپورٽر ) شھدادڪوٽ ۽ آس پاس ۾ سارين جي پوکيل ٻج تي ڪوئن جي حملي سبب آبادگار ۽ ھاري پريشان ٿي ويا آهن، ھاري محمد ملوڪ کوسو، علي شير سولنگي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ڪوئا پوکيل ساريالو ٻيجارو کائي وڃن ٿا، اسان سڄي رات ۽ ڏينھن ڪوئا ماريون ٿا. هنن گهر ڪئي ته ڪوئا مار ڦوھارو ڪارائي فصل ۽ پورھيو بچايو وڃي.