شھدادڪوٽ (رپورٽر) شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ڪئمپس شھدادڪوٽ جي پروفيسرن، ليڪچرارن ۽ لوئراسٽاف پگھار نه ملڻ خلاف پروفيسر روشن عمراڻي، سلطان بروھي، عرفان منگي، منصور ميراڻي، طارق بروھي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي ڌرڻو هنيو. اڳواڻن چيو ته شاھ عبداللطيف يونيورسٽي انتظاميا شھدادڪوٽ ڪيمپس جي ملازمن جي ھڪ مھيني جي پگھار روڪي ڇڏي آهي، هنن چيو ته پگھار نه ملڻ ڪري ملازمن ۾ مايوسي ڇائنجي وئي آهي، ملازمن گهر ڪئي ته پگھار جاري ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.