شھدادڪوٽ (ن پ ا) شھدادڪوٽ پوليس ڪارروائي ڪري مختلف ڏوھن ۽ قتل ڪيسن ۾ گھربل جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پوليس موجب ته محمد مگسي،  نور حسن کھاوڙ، بلاول عرف بلو کوسو ۽ نقيب الله پٺاڻ  سوپارين جي اسمگلنگ ۾ گرفتار ڪيو،پوليس موجب ته  قبو سعيد خان ۾ ڌيءَ کي مبينا ڪارنھن الزام هيٺ قتل ڪندڙ جوابدار صدر مگسي کي به گرفتار ڪيوآهي، پوليس پاران  10 ڏينھن اڳ ۾ علي حسن جمالي کي قتل ڪندڙ جوابدار جاويد جمالي کي پسٽل سميت گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي ۽   جوابدار عرفان چانڊيو کان 2 ڪلو عافيم ۽ ھڪ موٽرسائيڪل ھٿ ڪري ورتي آهي.ڊي ايس پي يار محمد رند موجب ته  جوابدار ذوالفقار چانڊيو پنھنجي گھر واريءَ حوا کي ڪارنھن الزام هيٺ قتل ڪيو ۽ ڪارنھن الزام هيٺ نوجوان عاشق چانڊيو کي پڻ قتل ڪيو هو جوابدار بندوق سميت گرفتار ڪيو ويو آهي