شھدادڪوٽ (رپورٽر) شھدادڪوٽ ۾ جمالي برادري جي ماڻهن پوليس پاران ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪرڻ خلاف ڪوٽو موٽو چوڪ تي ٽائرن کي باھيون ڏئي ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي منظور جمالي، رضوان جمالي ۽ عامر جمالي جو چوڻ هو ته ڪوڙو ڪيس داخل ڪرڻ بعد پوليس گهر مٿان چڙھائي ڪري نادر جمالي ۽ سجاد جمالي کي گرفتار ڪري وئي آهي. اڳواڻن گهر ڪئي ته نادر جمالي ۽ سجاد جمالي خلاف داخل ڪيس ختم ڪري انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.