شهدادڪوٽ ( رپورٽر ) ٺارو خان شيخ ڪالوني  ۾ پاڻي جي موٽر مان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ  ڪري 40 ورهين جي مسمات روبينا تونيو فوت ٿي وئي آهي . ھوڏانھن ڪرنٽ لڳڻ بعد وارثن عورت روبينا تنيو کي تعلقي اسپتال پھچايو جنهن بعد ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽر بجلي جي ڪرنٽ لڳڻ ڪري عورت روبينا تنيو جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي . بجلي جي ڪرنٽ ۾ فوت ٿي ويل عورت جو مڙھ تعلقي اسپتال مان ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آهي فوتي عورت جو مڙھ  گهر پھچڻ تي ڪهرام  مچي ويو آهي .