شھدادڪوٽ (رپورٽر) شھدادڪوٽ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن مان پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو،  غريبن جا ڪچا ۽ پڪا گهر  ڊھي پٽ پئجي ويا،   ڳوٺ صاحب خان لاشاري، ڳوٺ محمد صالح لاشاري، ڳوٺ ڪارڙ، ڳوٺ رپ وتو چانڊيو سميت ٻيا علائقا پاڻي هيٺ آهن، جڏهن ته شھرن جو بازارون بند سبزي منڊي شاھي بازار سميت ھر قسم جو ڪاروبار مڪمل طور بند ٿي ويو آهي، هوڏانهن  برسات سبب مستوئي شاخ کي ڳوٺ گبر ڪلهوڙو وٽان 70 فوٽ ۽ 20 فوٽن  جا 2  گهارا پئجي ويا آهن، گهارن جو پاڻي شھدادڪوٽ شھر ڏانهن وڌڻ لڳو  آهي، جنهن ڪري ميونسپل ڪاميٽي جا وارڊ نمبر 3،وارڊ نمبر 4 ۽ وارڊ نمبر 5 جي ٻڏڻ جو خطرو وڌي ويو آهي.