ميروخان (ن پ ا ) پوليو وائرس بابت ڪم ڪندڙ اسلام آباد ۾ قائم نيشنل هيلٿ آف انسٽيٽيوٽ جي ليبارٽري قمبر – شھدادڪوٽ ضلعي ۾ ٻارڙن کي عمر ڀر لاءِ معذور ڪندڙ انتهائي خطرناڪ پوليو وائرس جي موجود هجڻ جي تصديق ڪري ڇڏي ان سلسلي ۾ نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر فار پوليو اسلام آباد پاران جاري ڪيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 4 جُون تي قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي شهر شهدادڪوٽ جي بگو دڙو روڊ واري علائقي باقر آباد پاڙي جي ڊرينيج مان پوليو وائرس جو نمونو ورتو ويو هو اهڙي ورتل نموني جي چڪاس بعد رپورٽ هاڪاري اچڻ کان پوءِ پوليو وائرس موجود هجڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي رپورٽ ۾ اهو پڻ ڄاڻايو ويو آهي ته شھدادڪوٽ ۾ ظاهر ٿيل پوليو وائرس 18 مارچ تي بلوچستان جي شهر اوستا محمد ۾ ظاهر ٿيل پوليو وائرس سان مشابهت رکي ٿو ٻي پاسي سال 2024 ۾ قمبر-شھدادڪوٽ ۾ پوليو وائرس جو پهريو نمونو هاڪاري اچڻ ۽ پوليو وائرس جي موجود هجڻ جي تصديق ٿيڻ کان ضلعي انتظاميا ۽ صحت کاتي قمبر شهدادڪوٽ ۾ ٿرٿلو مچي ويو آهي ۽ اختيارين پاران ايندڙ هفتي هڪ جولائي کان ست جولائي تائين هڪ هفتي لاءِ پوليو مهم شروع ڪري وائرس تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي وئي آهي .