شھدادپور (ن پ ا) گذريل ڏينهن عيد گاھ روڊ تي سڱاوتي تڪرارا تان گوليون ھڻي قتل ڪيل ڳوٺ مهر علي ٽالپر واسي ڳوٺاڻي ذوالفقار ٽالپر واري واقعي جي اصف آءِ آر درج ڪئي وئي،پوليس مقتول جي ماسات گل محمد ٽالپر جي فرياد تي 3 جوابدارن تي قتل الزام هيٺ ڪيس داخل ڪري ورتو،ڪيس ۾ علي گل زرداري، رفيق زرداري ۽ سڪندر زرداري کي نامزد ڪيو ويو.فريادي موجب ماسات جي پٽ شھزاد ٽالپر پاران زرداري برادري جي نياڻي کڻڻ بعد معززن جي مداخلت بعد واپس ڪئي وئي انهيءَ ناراضگي تان جوابدارن علي گل، رفيق ۽ سڪندر پسٽل جا فائر ڪري ماسات ذوالفقار ٽالپر کي قتل ڪيو. ڪيس داخل ٿيڻ باوجود پوليس ڪنهن به جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگهي. پوليس موجب جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا جاري آھن جن کي گرفتار ڪيو ويندو. هوڏانهن مقتول کي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.ملوث جوابدارن جي گرفتاري عمل ۾ نه اچڻ سبب فريادي ڌر ۾ سخت تاءُ پکڙجي ويو واقعي بعد گهر ۾ ڪهرام متل آهي.