شھدادپور (ن پ ا) شھدادپورشھر جي علي خان ڏيٿا پاڙي ۾ اهلڪار محمد حسن ڏيٿو پاڙيسري 10 ورهين جي نينگر ذيشان کي مبينا طور تشدد جو نشانو بڻائي ڏنڊا هڻي مٿو ڦاڙي ڇڏيو. پوليس زخمي ٿيل نينگر کي ميڊيڪل ليٽر جاري ڪندي کيس سِمس اسپتال منتقل ڪيو جتي طبي امداد بعد وارڊ ريفر ڪيو ويو. نينگر جي چاچي نصير ڏيٿو دانهيندي چيو ته پوليس اهلڪار محمد حسن ڏيٿو گهٽي مان گذرڻ تان پنهنجي ڀاءُ عطا محمد  ۽ پٽ نانو سان گڏجي ڏنڊن ۽ ڪهاڙين سان سندس گهر تي حملو ڪري عورتن ۽ ٻارڙن کي سخت مارڪُٽ ڪئي ۽ معصوم يتيم ڀائٽي ذيشان تي وحشياڻو تشدد ڪري ڏنڊا ھڻي کيس رتورت ڪري ڇڏيو. وارثن ايس ايس پي سانگهڙ سميت پوليس جي اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته اهلڪار خلاف قانوني قدم کڻي کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي.