اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سُڌ سماءَ جي وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان هاڻي پنهنجي سياست بچائڻ لاءِ پيرين پوڻ ۽ منٿن تي لهي آيو آهي، عمران خان نيوٽرلز کي چوي ٿو ته سندس سياست ۽ اقتدار کي بچايو وڃي، هن چيو ته عمران خان سيمينار ۾ بيهي چوي ٿو ته اڃا به وقت آهي، منهنجي مدد ڪريو، هن چيو ته عمران خان ادارن کي مداخلت ۽ آئيني ڀڃڪڙي ڪرڻ جو چوي ٿو، آئين ۾ نيوٽرل رهڻ لاءِ لڪير ڪڍيل آهي، ڇا ايجنسيز طرفان بريفنگ ڏيڻ واري بيان سان توهان جا گناهه ڌوپجي ويندا؟ عمران خان ۾ همت آهي ته بريفنگ ڏيندڙن جا نالا ظاهر ڪري. مريم اورنگزيب چيو ته شهباز گل کي ڪيمرائون ڏسي ساهه جي تڪليف ٿي وڃي ٿي.