لاهور (م ڊ) لاهور جي عدالت شهباز شريف جي ضمانت رد ڪرڻ جي درخواست  کي رد ڪري ڇڏيو. لاهور جي اسپيشل ڪورٽ سينٽرل ايف آءِ اي پاران شهباز شريف جي ضمانت رد ڪرڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي هئي. ٻڌڻي دوران شهباز شريف جي وڪيل امجد پرويز دليلن ۾ چيو ته عدالت تصحيح تڏهن ڪندي آهي، جڏهن حڪم قانون کان هٽي ڪري هجي، سپريم ڪورٽ جي هدايت آهي ميمبر اسيمبلي اجلاس ۾ هجن ته عدالتون اڪاموڊيٽ ڪن، فريال ٽالپر جي ڪيس ۾ به سپريم ڪورٽ جو هي فيصلو شامل ڪيو ويو آهي. امجد پرويز چيو ته ڪنهن بي اعتمادي کانپوءِ قانون واري وزارت جي چارج ورتي، جيڪو هن ڪيس کي مانيٽر ڪري رهيو آهي، ڪنهن کي سيشن ۾ شرڪت ڪرڻي آهي ته ان کي رعايت ملندي آهي. شهباز شريف جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته هڪ شخص کي خوش ڪرڻ لاءِ ايف آءِ اي ضمانت رد ڪرڻ جي درخواست ڏني. عدالت شهباز شريف جي وڪيل جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ ايف آءِ اي جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو، جيڪو ڪجهه دير کانپوءِ ٻڌائيندي ليگي اڳواڻ جي ضمانت رد ڪرڻ واري درخواست کي خارج ڪري ڇڏيو. عدالت شهباز شريف جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست منظور ڪري ڇڏي، جڏهن ته شريڪ جوابدار پاران عدالتي اختيارن جي دائري واري درخواست به رد ڪري ڇڏي. عدالت شهباز شريف، حمزا شهباز ۽ ٻين کي فرد جرم لاءِ 11 اپريل تي طلب ڪري ورتو. ياد رهي ته حڪومت بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ کان اڳ شهباز شريف کي گرفتار ڪرائڻ جي ايف آءِ اي ذريعي ان جي ضمانت رد ڪرائڻ جي درخواست ڪئي هئي.