راولپنڊي (م ڊ) نواز ليگ جي صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف خلاف پنجاب ڪو آپريٽو بينڪ جي سي اي او جي غير قانوني مقرري بابت هڪ ٻئي ڪيس جي نيب جاچ شروع ڪري ڇڏي. نيب راولپنڊي جي ٽيم احتساب عدالت کان شهباز شريف سان جيل ۾ جاچ لاءِ اجازت طلب ڪئي، جنهن تي عدالت جي ڊيوٽي جج شيد سجاد احمد نيب جي ٽيم کي جاچ جي اجازت ڏئي ڇڏي. نيب طرفان عدالت ۾ داخل ڪيل درخواست ۾ چيو ويو هو ته شهباز شريف خلاف 2012ع ۾ پنجاب ڪو آپريٽو بينڪ جي سي اي او سيد طلعت جي مقرري جي غير قانوني طور منظوري ڏيڻ جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي. نيب موقف اختيار ڪيو ته سيد طلعت محمود جي مقرري ۾ بي ضابطگيون ٿيون. نيب درخواست سان گڏ اجازت نامي جو خط شهباز شريف لاءِ سوال نامي جي ڪاپي سميت سلهاڙيو ويو آهي.