ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) احتساب عدالت اطلاعات واري اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ خلاف اطلاعات کاتي ۾ پوڻا 6 ارب رپين جي ڪرپشن ڪرڻ بابت نيب پاران داخل ڪيل ريفرنس جي ٻڌڻي هڪ جوابدار جي وڪيل اظهر صديق پاران پيش نه ٿيڻ سبب 22 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ڪالهه ٻڌڻي دوران شرجيل انعام ميمڻ ۽ ٻيا جوابدار پيش ٿيا.