پشاور (م ڊ) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير شبلي فراز بجلي جي قيمتن ۾ واڌ کي سياسي موت قرار ڏئي ڇڏيو  آهي. خيبرپختونخواهه چيمبر آف ڪامرس جي دوري دوران بجلي جي قيمتن ۾ واڌ جي حوالي سان ڪيل سوال تي وفاقي وزير شبلي فراز  جواب ڏيندي چيو ته بجلي جي قيمتن ۾ واڌ مجبوري آهي. حڪومت ائين نٿي چاهي، بجلي جي قيمتن ۾ واڌ اسان جي لاءِ سياسي موت آهي، ماضي ۾ سستي بجلي جي حوالي سان قدم نه کنيا ويا ۽ هاڻ حڪومت بائيڊرن منصوبن تي ڪم ڪري رهي آهي. شبلي فراز چيو ته وزيراعظم عمران خان پن بجلي جي منصوبن تي ڪم شروع ڪيو آهي. چونڊ سڌارن تي ڪم ڪيو آهي. اسان ووٽنگ ۾ ماڻهن جي بدران ٽيڪنالاجي استعمال ڪنداسين نتيجو 15 سيڪنڊن ۾ ملندو. ووٽ ضايع نه ٿيندا.