خيرپور (رپورٽر) خيرپور آرٽس ڪائونسل ۽ سنڌ مري اتحاد ڪلچرل ونگ طرفان نامياري ليکڪ ايڊووڪيٽ عبدالحسين مريءَ جي ڪتاب “ڪلنگيون جني ڪاپار” جي مهورت تقريب منعقد ڪئي وئي.  تقريب ۾ نامياري اديب، محقق ڊاڪٽر نواز علي شوق، ڊاڪٽر شير مهراڻي، قادر مگسي، غلام عباس ڀنڀرو، مختيار  ملڪ، پروفيسر الطاف اثيم، خادم مري حبيب حسن مري، امجد ميمڻ، ڊاڪٽر مشتاق ڦل، اڪبر شاهه، منظور اڄڻ، شمشاد مري ۽ ٻين شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر نواز علي شوق چيو ته زميندار گهراڻي سان تعلق رکندڙ عبدالحسين مري تاريخي ڪتاب لکيو آهي. شاعر ۽ ليکڪ  معاشري جي عڪاسي ڪن ٿا، اهي معاشري جا ترجمان آھن. ڪتاب جي ليکڪ ايڊووڪيٽ عبدالحسين مري چيو ته انسانيت جي خدمت ۽ ترجمانيءَ کي عبادت سمجهان ٿو. مون هن 60 سالن جي ڄمار دوران جيڪو ڏٺو، پڙھيو ۽ محسوس ڪيو، اهو هن ڪتاب وسيلي ايندڙ نسلن ڏانهن منتقل ڪيو آهي. تقريب ۾ ايڊوڪيٽ شفقت مهيسر، الهورايو سومرو، تاج سروهي، طارق مهيسر، پروفيسر ايوب مري، مير صوبدار سعيد، لطيف چانڊيو ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.