ڪراچي(رپورٽ:فقير سليم) لياري يونيورسٽي جي وي سي تي واٽس ايپ ميسيج  ڪرڻ ۽  هراسان ڪرڻ جو الزام لڳائيندڙ پ پ جي خاتون ايم پي اي شازيا سنگهار ايف آءِ اي پاران گهرائڻ  باوجود بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ نه  پهتي، سندس درخواست تي ايف آءِ اي به ڪارروائي ڪرڻ  کان قاصر، ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر عمران رياض ٻڌايو ته پ پ ايم پي اي شازيا سنگهار ڪوريئر ذريعي وي سي خلاف درخواست اماڻي آهي، جنهن ۾ هن جنسي طور هراسان ڪرڻ جو الزام لڳايو آهي، اهڙي درخواست ملڻ بعد اسان درخواست ڪندڙ ايم پي اي کي اربع واري ڏينهن شام جو چار وڳي گهرايو هو، پر هوءِ نه آئي، اسان کيس بار بار ڪال به ڪئي پر هن ڪو به جواب نه ڏنو ۽ نه ئي ڪال اٽينڊ ڪئي، جنهن سبب اڃا تائين جاچ شروع ٿي ناهي سگهي، هن چيو ته درخواست کانپوءِ لازمي هوندو آهي ته درخواست ڏيندڙ پاڻ اچي بيان رڪارڊ ڪرائي ۽ ثبوت ڏئي ته جيئن جاچ شروع ڪري سگهجي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته لياري يونيورسٽي جي وي سي ڊاڪٽر اختر بلوچ پاران به سندس واٽس ايپ هيڪ ٿيڻ بابت ڪا  شڪايت ناهي ملي، هوڏانهن بار بار ڪال ڪرڻ باوجود پ پ ايم پي اي شازيا سنگهار ڪال اٽينڊ نه ڪئي، جنهن سبب سندس موقف معلوم نه ٿي سگهيو، جڏهن ته  لياري يونيورسٽي جي وائيس چانسلر اختر بلوچ جو نمبر بند هجڻ سبب ساڻس رابطو نه ٿي سگهيو.  واضح رهي ته لياري يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر اختر بلوچ تي پ پ ايم پي اي ۽ لياري يونيورسٽي جي سينڊيڪيٽ جي ميمبر شازيا سنگهار الزام لڳايو هو ته وي سي پاران کيس غير مناسب ميسيج ۽ وڊيوز اماڻي هراسان ڪيو ويو آهي، هوڏانهن وي سي اختر بلوچ هڪ اردو اخبار سان ڳالهائيندي چيو هو ته سندس واٽيس ايپ هيڪ ٿي ويو هو.