شادي لاءِ دٻاءُُ ڇوڪرين کي گهر ڇڏڻ تي مجبور ڪري ٿو: حرا سومرو

0
253
شادي لاءِ دٻاءُُ ڇوڪرين کي گهر ڇڏڻ تي مجبور ڪري ٿو: حرا سومرو
شادي لاءِ دٻاءُُ ڇوڪرين کي گهر ڇڏڻ تي مجبور ڪري ٿو: حرا سومرو

ڪراچي ( شوبز نيوز) اداڪارا حرا سومرو مائٽن طرفان ڇوڪرين تي شادي لاءِ دٻاءُ کي انهن جي گهر ڇڏي وڃڻ جو ڪارڻ قرار ڏئي ڇڏيو آهي

ڊرامي  تيري بن ذريعي شهرت ماڻيندڙ اداڪارا حرا سومرو چيو آهي ته اسان جي معاشري ۾ ڇوڪري جي پسند ۽ ناپسند جو خيال نه ٿو رکيو وڃي جنهن جي ڪري بگاڙ پيدا ٿئي ٿو

هن چيو ته اسان وٽ ڇوڪرين جون زبردستي شاديون ڪرايون وينديون آهن ۽ انهن تي دٻاءُ وڌو ويندو آهي جنهن جي ڪري اهي گهر ڇڏي فرار ٿي وينديون آهن هن چيو ته مان گوري به نه آهيان ۽ نه وري گهڻي سمارٽ تنهن باوجود منهنجي اداڪاري کي پسند ڪيو وڃي ٿو

حرا سومرو چيو ته ڊرامن ۾ سٺي چهري جي نه پر سٺو ڪردار نڀائڻ جي ضرورت هوندي آهي