ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) آءِ جي سنڌ علام نبي ميمڻ  ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم روڪي شهر ۾ امن ڪرائڻ تان بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ 17 پوليس آفيسرن کي هڪ مهيني جي اضافي پگهار ۽ سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي، نوٽيفيڪشن موجب ڪراچي جي 3 ڊي آءِ جيز اوڀرجي غلام اظفر مهيسر، اولهه جي عرفان بلوچ ۽ ڏکڻ جي سيد اسد رضا، شهر جي 8 مان 7 ايس ايس پيز ملير جي ڪاشف عباسي، سائوٿ جي ساجد سدوزئي، اوڀر جي ڊاڪٽر فرخ ملڪ، سينٽرل جي ذيشان شفيق صديقي، ڪورنگي جي توحيد رحمان ميمڻ، اولهه جي حفيظ رحمان بگٽي ۽ سٽي جي عارف عزيز اضافي پگهار ملندي ، رڳو ڪياماڙي جي ايس ايس پي ڪيپٽن فيضان علي کي انهي دوڙ مان آئوٽ ڪيو ويو آهي، جڏ هن ته جاچ شعبي جي  7 ايس پيز عبدالرحيم شيرازي، عارب مهر، محمد ظفر صديق، علي حسن، ڪنور آصف، فتح محمد ۽ علينه راڄپر کي واڌو پگهار ملندي.