سڪرنڊ (ن پ ا) سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ صاحب خان جلالاڻي ۾ پيرسن هاري 60 سالن جي محمد ابراهيم عرف حمل ولد اعتبار فقير لنڊ غربت کان تنگ ٿي پاڻ کي گولي هڻي ڇڏي. جنهن کي سڪرنڊ پوليس تعلقي اسپتال سڪرنڊ کڻائي آئي. جتي سندس پوسٽ مارٽم ڪيو ويو. سڪرنڊ پوليس جو چوڻ آهي ته سندس وارثن ٻڌايو ته غربت ۽ گهرو پريشانين سبب پنهنجو پاڻ کي گولي هڻي خودڪشي ڪئي آهي. لاش پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. سڪرنڊ پوليس وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي. جڏهن ته علائقي ۾ چوٻول آهن ته وياجين پاران پيسن لاءِ تنگ ڪرڻ کان پوءِ هن پنهنجو پاڻ کي گولي هڻي خودڪشي ڪئي آھي. هن پهريان به زهر کائي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي هئي.