سڪرنڊ  (ن پ ا) سڪرنڊ ۾ سگھڙ ڪچھري، سگھڙن پاران ڳجھارتون، ڏور، بيت، وايون پيش ڪري ڏات جا ڏيئا روشن ڪيا. الغوزي نواز بينن تي ڌنون وڄائي ڪچھري ۾ موجود ماڻھن پاران واهه واهه ڪرائي ڇڏي، سلاوا سنڌ پاران ھر پندرھين ڏينھن لطيف پارڪ سڪرنڊ ۾  رکيل سگهڙ ڪچهري ٿي، سگھڙن کي ٻڌڻ لاءِ شھري ڪچھري ٻڌي لطف اندوز ٿيا. سگھڙ محمد ادريس جمالي، گل بيگ جمالي، محمد قاسم ڏاھري، عبدالرحيم چانڊيو، غلام محمد سنجراڻي، دلدار فقير سنجراڻي، راڄو فقير لغاري، حاجي محب فقير ڏيٿو، عبدارزاق سنجراڻي، سرداربخش عرف ڍول ٻگھيو، فقيرمنٺار علي ٻگھيو جن ڳجھارتون، ڏور، بيت ٻڌائي ڏات جا ڏيئا روشن ڪيا. جڏھن ته الغوزي نواز بينن تي ڌنون وڄائي ڪچھري ۾ واهه واهه ڪرائي ڇڏي. ڪچھري سڄو ڏينھن جاري رھي ڪچھري کي ٻڌڻ لاءِ آس پاس جا ماڻھو ۽ شھري ڪچھري ٻڌي لطف اندوز ٿيا. ڪچھري ٻڌڻ لاءِ آيل ماڻھن جو چوڻ آھي ته اوطاقن ۾ ڪچھريون گھٽجي ويون آھن ۽ ھتي شھر ۾ ھر پندرنھين ڏينھن سگھڙن کي ٻڌڻ لاءِ ھتي اچون ٿا ۽ ھنن کي ٻڌي سڪون ملي ٿو.