ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سڪرنڊ جي کڏهر ٿاڻي جي پوليس طرفان سوشل ورڪر ۽ مزاحيه اداڪار وزير انڙ عرف جمعو جڳاڙي کي گرفتار ڪري تشدد ڪرڻ وارو معاملي جو جرڳو رئيس علي خان جمالي جي سرپئنچي ۾ ٿيو. جنهن ۾ ايس ايچ او کڏهر ديدار سولنگي کي ڏوهي قرار ڏنو ويو، جرڳي ۾ ايس ايچ او کڏهر ديدار سولنگي تي ساڍا 3 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو، ديدار سولنگي سوشل ورڪر وزير انڙ کان تڏو به بخشرائيندو. سوشل ورڪر وزير انڙ ۽ ايس ايچ او کڏهر ديدار سولنگي کي ڀاڪر پارائي کير کنڊ ڪيو ويو. وزير انڙ سوشل ميڊيا تي جرڳي جي تصديق ڪئي آهي