سڪرنڊ (ن پ ا) سڪرنڊ ويجهو ڳوٺ گھنڊيا ۾ گھٽي جي معاملي تان زرداري برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب ھڪ ٻارڙي  سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ اڪبر، علي دوست، فرمان، معشوق، شفيع محمد ۽ عاشق شامل آهن، واقعي بعد هڪ ڌر جا ماڻهو خدابخش زرداري جي اڳواڻي ۾ زخمي ٻارڙي سان گڏ قومي شاھراھ پنجون ميل اسٽاپ وٽ ڌرڻو هڻي ويھي رھيا، جنھن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي، هنن الزام هنيو ته حملو ڪندڙ پوليس اھلڪار آهن پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، هنن تدارڪ جي گهر ڪئي.