سکر: 3 ڏينهن گذري ويا، نارا ڪئنال ۾ ٽپو ڏيندڙ ماءُ ۽ ٻارڙن جا لاش نه مليا

0
306

سکر(بيورو رپورٽ) نارا ڪئنال ۾ مبينا آپگهات ڪندڙ ماءُ ۽ سندس ٻن معصوم ٻارڙن جو پتو نه پئجي سگهيو، جن جي ڳولا اڄ ٽئين ڏينهن به جاري آهي

3 ڏينهن اڳ خيرپور واسڻ ناري مهناز پنهنجي ٻن معصوم ٻارڙن هڪ ورهين جي احرم ۽ ٽن ورهين جي انايا سان گڏ مبينا طور تي نارا ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو هو

نيوي ۽ مقامي ٽوٻن جي مدد سان ڳولا وارو سلسلو اڄ به جاري آهي، سخت سردي باوجود نوجوان ناري مهناز جي وارثن پوري رات ٻيڙي ذريعي ڪئنال ۾ ڳولا ڪئي، جڏهن ته نيوي جي ٽوٻن به صبح سان پهچي ڳولا شروع ڪري ڏني آهي

مڙس سان مبينا ناراض ٿي انتهائي قدم کڻندڙ ناري ۽ ٻارڙن جو سامان ڪئنال ڪناري تان مليو هو، سکر بئراج مان نڪرندڙ نارا ڪئنال جي ڪپر تان پرس، روڪ رقم، گهر جون چاٻيون ۽ ٻارڙي جو فيڊر مليو هو

ھي به پڙھندا

سکر: نارا ڪئنال ۾ ٽپو ڏيندڙ ماءُ ۽ سندس ٻن ٻارڙن جا لاش هٿ نه آيا