سکر(بيورو رپورٽ) سکر ۾ ڪورونا وائرس ڪيسن ۾ ڏينھون ڏينھن اضافو، سول اسپتال ۾ قائم 20 بيڊن تي مشتمل آئسوليشن وارڊ مريضن سان ڀرجي ويو آھي، گنجائش ختم ٿيڻ کان پوءِ اسپتال انتظاميا وڌيڪ 20 بيڊن جو اضافو ڪري ڇڏيو آھي، ھاڻي آئيسوليشن وارڊ 40 بيڊن تي مشتمل ڪيو ويو آھي.سول اسپتال ۾ هڪ وڌيڪ ڪورونا جي شڪي مريض پراڻي سکر جي وسپور محلي جي رھواسڻ 35 ورھين جي صنم ولد گلشن فوت ٿي وئي آھي،اِن ڏس ۾ رابطو ڪرڻ تي ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر ڊاڪٽر جميل احمد مھر تصديق ڪندي ٻڌايو آھي ته آئسوليشن وارڊ ۾ 20 بيڊن جي گنجائش ھئي جيڪو ڀرجي چڪو آھي، ھن وقت 159 مريض ڪورونا وائرس ۾ مبتلا آھن، جيڪي گھرن اندر آئيسوليٽ ٿيل آھن، جڏھن ته سول اسپتال سکر جي آئيسوليشن وارڊ ۾ 20 مريض داخل آھن، پھريان ڪورونا جي مرض ۾ گھٽتائي سبب سکر اسپتال جي آئيسوليشن وارڊ ۾ 20 بيڊ رکيا ھئا، مريضن جي وڌڻ سبب وڌيڪ 20 بيڊن جو اضافو ڪيو ويو آھي،ڪورونا ڪيسن ۾ اضافي باوجود سکر جي ضلعي انتظاميا سنڌ حڪومت طرفان جاري ڪورونا ايس او پيز تي عمل درآمد ڪرائڻ لاءِ ڪي به سنجيدا قدم ناھن کنيا، ڪاروبار مرڪزن، ھوٽلن، ٽرانسپورٽ جي اڏن ۽ عوامي ھنڌن توڙي احساس ڪفالت پروگرام جي سينٽرن آڏو عوام جا ھجوم لڳل آھن،