سکر (بيورو رپورٽ) سکر  شهر جي مختلف علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي شديد کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، پاڻي فراهمي معطل هجڻ سبب نيوپنڊ جي بروهي محلا، پراڻي سکر جي ڪڙي ڪوارٽر، انصاري محلا، انڙ محلا جا رهواسي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن، نيو پنڊ بروهي محلي جي رهواسين هٿن ۾ خالي بوتلون ۽ ٿانو کڻي پاڻي ناهي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا جا نعرا هنيا، اِن موقعي تي عبدالستار، محمد فيضان، عبدالسميع، فاروق يونس ۽ ٻين چيو ته لڳ ڀڳ هڪ مهيني کان پاڻي جي سپلاءِ متاثر ھجڻ ڪري شديد گرمي ۾ ٻٽي عذاب ۾ مبتلا آهيون، ٽائون ڪاميٽي توڙي ميونسپل ڪارپوريشن جي ذميوارن کي شڪايتون ڪيون آهن پر تدارڪ ناهي ٿيو، متاثر علائقن جا رهواسي شديد گرمي ۾ ڏورانهن علائقن مان پاڻي ڀرڻ يا پئسن عيوض خريد ڪرڻ تي مجبور آهن، هنن مطالبو ڪيو ته پاڻي ڏئي مسئلو حل ڪيو وڃي.