سکر (بيورو رپورٽ) سکر پريس ڪلب ۾ شهيد صحافي جان محمد مهر ۽ نصرالله گڏاڻيءَ جي تصويرن آڏو ڏيئا ٻاري کين ڀيٽا پيش ڪئي وئي، پروگرام ۾ شهيد صحافي جان محمد مهر جي نياڻي به شرڪت ڪئي، صحافين شهيدن جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي قاتلن جي گرفتاري جو حڪومت کان مطالبو ڪيو، ان موقعي تي پريس ڪلب جي صدر آصف ظهير لوڌي، امداد بوزدار، خالد ٻانڀڻ، احقر شاهه، شائستا کوسو، سحرش کوکر، ڪرن مرزا ۽ ٻين چيو ته جان محمد مهر جا قاتل 11 مهينا گذرڻ باوجود هن وقت تائين پوليس گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي، جنهن سبب صحافين ۾ سخت ڳڻتي ۽ بيچيني پکڙيل آهي، ڪيترائي ڀيرا حڪومت ۽ آءِ جي سنڌ قاتلن جي جلد گرفتاريءَ جي خاطري ڪرائي آهي پر عملي طور تي هن وقت تائين قاتل گرفتار ناهن ٿيا، هنن چيو ته شهيد نصرالله گڏاڻي جي قاتلن ۽ ماسٽر مائينڊ کي گرفتار ڪري شهيد جي خون سان انصاف فراهم ڪيو وڃي.