سکر (بيورو رپورٽ) سکر ۾ سيپڪو ليبر يونين پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ چيف سيپڪو آفيس جي مين گيٽ آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، جڏھن ته پورھيتن طرفان بعد ۾ علامتي بک ھڙتالي ڪيمپ به قائم ڪري ورتي. ان موقعي تي سيپڪو ليبر يونين جي مرڪزي اڳواڻ عقيل احمد جوڻيجو، عمران سرڪي، طاھر ابڙو، سائينداد، غلام مصطفي، مقصود نوناري، فرحان ماڪو ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته سيپڪو ۾ سياسي مداخلت جي ڪري سيپڪو مزدورن سان ناانصافي ٿي رھي آھي، جنھن سبب ملازمن ۾ سخت مايوسي ۽ بيچيني واري لھر ڇانيل آھي. ھنن الزام مڙھيو ته سينيٽر سيف الله ابڙو سيپڪو مزدور عابد علي جي بدلي ڪرائي آھي جيڪو سراسر ظلم آھي ھنن چيو ته اسان بجلي چورن خلاف ڪارروائي ڪري رھيا آھيون پر چورن کي بچائڻ لاءِ بااثر سرگرم آھن، ھنن چيو ته جيڪڏھن سيف الله ابڙو کي سيپڪو ۾ مداخلت جو ايڏو شوق آھي ته سينيٽر شپ تان استعيفا ڏئي سيپڪو ۾ ملازمت وٺي. ھنن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته سيپڪو ملازمن سان ٿيندڙ ناانصافيون ختم ڪيون وڃن، ملازمن کي مراعتن سان گڏ عيد جو الائونس ڏنو وڃي، ٻئي صورت ۾ مطالبن جي مڃتا تائين احتجاج کي جاري رکنداسين.