سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) سکر ۾ ترسيل برسات متاثرين جي ڪکائين جهوپڙين کي خوفناڪ باهه، پيرسن عورت سڙي فوت، 3 ڄڻا زخمي، 10 کان وڌيڪ ڪکاوان گهر ۽ الھه تلھه سڙي خاڪ ٿي ويو. زخمين کي علاج لاءِ سول اسپتال سکر ۾ داخل ڪيو ويو. سبزي منڊيءَ ڀرسان پورھيتن جي اڏيل ڪکانوَن گهرن کي اوچتو خوفناڪ باھ وڪوڙي وئي، نتيجي ۾ پيرسن عورت مسمات سگهڙ زال درمحمد شيخ فوت ٿي وئي، جڏهن ته هڪ ٻِي عورت زينب شيخ، نينگري مريم سميت 3 ڄڻا سڙي زخمي ٿي پيا. باهه واقعي دوران عورت، ٻارن ۽ رهواسين ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا. سڙي فوت ٿي ويل پيرسن عورت جو لاش ۽ زخمين کي ايڌي رضاڪارن پوليس جي مدد سان ڪڍي اسپتال پهچايو. اطلاع ملڻ تي فائر برگيڊ سکر جي ٽيم واقعي واري پھتي پر اِن کان اڳ متاثرن جو الھه تلھه سڙي رک ٿي ويو. خوفناڪ باھ سبب 10 کان وڌيڪ ڪکاوان گھر سڙي ويا، گھرن ۾ رکيل سمورو سامان پڻ خاڪ جي ڍير ۾ تبديل ٿي ويو. باهه متاثر پورھيتن ۾ لياقت شيخ، سڪندر، عبدالمجيد، عبدالمنير، پرويز، موسيٰ، عبدالوھاب، نيڪ محمد، عبدالفتاح، عبدالستار ۽ ٻيا شامل آھن. متاثرن جو چوڻ آھي ته ھو روز ڪمائي روز کائيندا آھن، گھرن ۾ رکيل سمورو سامان سڙي ويو آھي، ھنن ٻڌايو ته هو اصل ڪنڌڪوٽ ڪشمور جا روهواسي آھن، سال 2010ع جي ٻوڏ کانپوءِ مسلسل ھِتي آباد آھن. هنن دانهيندي چيو ته کليل آسمان ھيٺ ٻچا سخت ٿڌ ۾ بي يارو مدد گار بڻيل آھن. باهه متاثرن ڪمشنر سکر ڊويزن ۽ ڊي سي سکر کي هنگامي بنيادن تي مدد جي اپيل ڪئي آھي. هوڏانهن زخمين کي علاج لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو.