سکر/سلطانپور (نمائندن وٽان) سکر پوليس ٻن مبينا مقابلن ۾ ٻن جوابدارن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، سائيٽ ٿاڻي جي پوليس موجب رنگ روڊ ويجهو هٿياربندن سان مقابلو ٿيو، جنهن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ جوابدار همراز ميراڻي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري پسٽل ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون، ڪينٽ پوليس موجب ڏنڊي لنڪ روڊ ويجهو مقابلي دوران هڪ جوابدار سعيد لکڻ کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري پسٽل ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون، پوليس موجب گرفتار جوابدار ڦر، چوري، پوليس مقابلن سميت ٻين ڪيسن ۾ گهربل هئا، جن جا ساٿي فرار ٿي ويا.