سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي زونل مئنيجر قيصر سعيد کان فون ذريعي 40 لک رپيا ڀتو طلب ڪرڻ جي الزام هيٺ آباد ٿاڻي تي يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي 3 ملازمن سميت 6 ڄڻن خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي، پوليس يوٽيلٽي ڪارپوريشن سکر ريجن آفيس جي اڪائونٽنٽ ۽ اسسٽنٽ اسٽور مئنيجر معظم پنهيار ۽ اظهار ڀٽو کي گرفتار ڪري ورتو آهي، داخل ڪيس ۾ زونل مئنيجر قيصر سعيد موقف اختيار ڪيو آهي ته باگڙجي ٻيلي جي رهواسي مجاهد جتوئي موبائيل فون ذريعي 40 لک ڀتو طلب ڪيو، ڪجهه دير بعد ريسٽ هائوس کان مولا بخش مغل، راحت قريشي ۽ فاروق شيخ سان گڏ ڪار ۾ سائيٽ ايريا طرف وڃي رهيا هئاسين ته 6 جوابدارن رستو روڪيو، يوٽيلٽي ڪارپوريشن سکر ريجن آفيس جي اڪائونٽنٽ معظم پنهيار، اسسٽنٽ اسٽور مئنيجر اظهار ڀٽو، اسسٽنٽ اسٽور مئنيجر لياقت جتوئي، پرائيويٽ شخص مجاهد جتوئي ۽ ٻن نامعلوم جوابدارن پسٽل ڪڍي 40 لک روپيا ڀتو گهريو، مون کين چيو ته هن وقت پئسا ناهن، جنهن تي هنن شام تائين گهربل رقم ڏيڻ جو چيو، اهڙو اطلاع اختيارين کي ڏنو جن ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ جي هدايت ڪئي، واضع رهي ته معظم پنهيار سميت يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي لڳ ڀڳ 15 ملازمن انتقامي ڪارواين خلاف اين آءِ آر سي سان ايف آءِ آر کان ڪجهه ڏينهن اڳ رجوع ڪندي موقف اختيار ڪيو هو ته 20 مئي تي يونين جون چوندون ٿيون، 24 مئي تي انتقامي ڪاروائي جو نشانو بڻائيندي ڏورانهن علائقن ڏانهن بدلي ڪيو ويو، وڪيل موجب اين آءِ آر سي معظم پنهيار، راشد مهر، اخلاق سومرو، مطيع الرحمان، عابد ميراڻي، عبدارئوف سولنگي، زاهد سومرو  کي اسٽي ڏنو هو ۽ يوٽيليٽي ڪارپوريشن جي ذميوارن کي هدايت ڪئي هئي ته ڄاڻايل ملازمن خلاف وڌيڪ ڪاروائي نه ڪئي وڃي.