سکر(بيورو رپورٽ) سکر جي رھواسين طرفان ٻن ھفتن کان بجلي بند ھجڻ خلاف احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو. اِن موقعي تي نئون پنڊ امان الله چوڪ جي رھواسين رضوان مغل، حنيف عباسي، گلاب شر، عدنان مغل، ڪامران عباسي ۽ دانهيندي چيو ته نئون پنڊ، درزي پاڙي، وسير پاڙي، امان الله چوڪ سميت نئين پنڊ جي اڪثر علائقن ۾ گذريل 17 ڏينهن کان بجلي بند پيل آهي، جنهن سبب رهواسي سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهيون، سيپڪو انتظاميا کي بار بار شڪايتن ڪرڻ باوجود بجلي بحال نٿي ڪئي وڃي. ھنن سيپڪو اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نئون پنڊ سميت ڀروارن علائقن ۾فوري طور بجلي بحال ڪري شھرين جي پريشاني ختم ڪئي وڃي.