سکر (بيورو رپورٽ) سکر ۾ پريڪٽس ڪندڙ نوجوان ليڊي ڊاڪٽر کي ساڳي اسپتال جي ھڪ ڊاڪٽر پاران  جنسي هراسان ڪرڻ جو انڪشاف، ڳالھه وائکي ٿيڻ کان پوءِ بااثر ڌريون سرگرم ٿي ويون، صلح لاءِ راھ ھموار ٿي وئي. ڀروسي جوڳن ذريعن مطابق سول اسپتال سکر جي ھڪ ڊاڪٽر، پريڪٽس ڪندڙ نوجوان ليڊي ڊاڪٽر کي جنسي هراسان ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آھي، جنھن متعلق انتظاميا توڙي لاڳاپيل اختيارين کي سمورا تفصيل ڏنا ويا آهن. نياڻيءَ طرفان گھر ڀاتين سان ڳالھه ڪرڻ کان پوءِ جڏھن معاملو وڌي ويو ته بااثر شخصيتن وچ ۾ پئي ليڊي ڊاڪٽر واري ڌر کي ڳالھين لاءِ راضي ڪري ورتو آھي، اهڙي صورتحال بعد واضح امڪان آھن ته ٻنهي ڌرين ۾ سرچاءَ ٿي ويندو.