سکر بئراج جي ٻن گيٽس کي نقصان: چيف انجنيئر سکر سهيل بلوچ کي به هٽايو ويو

0
30
سکر بئراج جي ٻن گيٽس کي نقصان:
سکر بئراج جي ٻن گيٽس کي نقصان:

سکر بيراج جي ٻن گيٽس کي نقصان پهچڻ جي ذميوارن خلاف ڪارروائي جو سلسلو جاري، انجنيئر سيد اياز علي شاهه ۽ ايس ڊي او امير بخش مهر جي معطلي بعد چيف انجنيئر سکر سهيل بلوچ کي به هٽايو ويو، آبپاشي کاتي ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم

چيف انجنيئر ايريگيشن ڊولپمينٽ حيدرآباد ريجن  منصور ميمڻ کي چيف انجنيئر سکر جي اضافي چارج ڏني وئي، نوٽيفڪيشن جاري ڪيوويو

 گذريل ڏينهن آبپاشي سيڪريٽري ظريف کيڙو انجنيئر سيد اياز علي شاهه ۽ ايس ڊي او امير بخش مهر کي معطل ڪيو هو

 فرحان وڳڻ سکر بئراج جو نئون انجنيئر ۽ عبدالصمد ڏهر نئون ايس ڊي او سکر بئراج مقرر، 20 جون تي سکر بئراج جي ٻن گيٽن 44 هين ۽ 47 هين کي نقصان پهچڻ سبب ڪينالن کي پاڻيءَ جي فراهمي روڪي گيٽس جي مرمت شروع ڪئي وئي هئي