حيدرآباد (رپورٽ: فيض کوسو) سکر بئراج جي ٻن دروازن جي متاثر ٿيڻ واري معاملي جي جاچ لاءِ قائم ڪيل ٽيڪنيڪل ڪميٽي جو پهريون اجلاس اڄ ڪراچي ۾ طلب ڪيو ويو، ٽيڪنيڪل ڪميٽي جي چيئرمين ۽ سنڌ بئراجز امپوروومينٽ پروجيڪٽ جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر غلام محي الدين مغل پاران ڪميٽي جي ميمبرن کي اهڙو خط لکي اڄ ٿيندڙ اجلاس بابت آگاهي ڏني وئي، ڪميٽي جي چيئرمين پاران ڪميٽي جي ميمبر مئنيجنگ ڊائريڪٽر سيڊا پريتم داس، چيف انجنيئر ايريگيشن ڊولپمينٽ ريجن ون منصور احمد ميمڻ، چيف انجنيئر ايريگيشن سکر بئراج رائيٽ بئنڪ ريجن مختيار احمد ابڙو ۽ پي ڊي اسڪارپ خيرپور محمد حيات شيخ کي خط لکي ٻڌايو ويو ته سکر بئراج جي ٻن متاثر ٿيل دروازن بابت ٽيڪنيڪل ڪميٽي جو اجلاس 2 جولاءِ 2024ع تي 12 بجي منجهند جو سنڌ سيڪريٽريٽ ڪراچي ۾ قائم ايريگيشن ڊپارٽمينٽ ۾ رکيو ويو آهي ان ڪري هو ان اجلاس ۾ شرڪت ڪن ته جيئن سکر بئراج جي دروازن جي متاثر ٿيڻ بابت رپورٽ تيار ڪري سگهجي، سنڌ جي آبپاشي کاتي جي سيڪريٽري ظريف کيڙو پاران 21 جون 2024ع تي ٽيڪنيڪل انڪوائري ڪميٽي جوڙي وئي هئي. ڪميٽي کي ٻڌايو ويو هو ته سکر بئراج جو گيٽ نمبر 44 ۽ 47 متاثر ٿيا آهن. جاچ ڪري ٻڌايو وڃي ته سکر بئراج جا اهي دروازا ڇو متاثر ٿيا؟ دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ڪميٽي کي 5 ڏينهن ۾ اها رپورٽ ڏيڻي هئي پر اها ڪميٽي اڃا تائين پنهنجي رپورٽ تيار نه ڪري سگهي آهي ۽ ان جو پهريون اجلاس 10 ڏينهن بعد طلب ڪيو ويو.