لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) جي ڊي اي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر علي عباسي چيو آهي ته سکر بئراج جو دروازو پاڻي ۾ لڙهي وڃڻ خطري جي گهنٽي آهي، ڪرپشن جي ڪري ڪئنالن جي مرمت ٺيڪ نموني سان ناهي ڪئي وئي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته سکر بئراج جو 47 هون نمبر دروازو پاڻي جو دٻاءُ برداشت نه ڪري سگهيو ۽ پاڻي ۾ لڙهي ويو، جنهن مان ڪيئي سوال پيدا ٿي رهيا آهن، دروازي مٿان هڪ ارب جي لاڳت ٿي هئي جيڪا وڏي رقم آهي تنهن ڪري اسين ذميوارن خلاف سخت کان سخت قانوني ڪاروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪيون ٿا، جيڪڏهن دروازي جو ڪم شروع نه ڪيو ويو ته ساريالي فصل جو نقصان کڻڻو پوندو ۽ هڪ دفعو ٻيهر تباهي پيدا ٿيندي. هن وڌيڪ چيو ته سکر ڪئنال جي دروازي ڪرپشن جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا آهن، سنڌ اندر ڪيترن ئي سالن کان وٺي ڪهڙي طرح ڦرلٽ جي بازار گرم آهي جيڪا هڪ حقيقت به آهي. هن چيو ته نااهل ۽ ڪرپٽ حڪمران مافيائن ڪئنالن جي مرمت جا پئسا به هڙپ ڪري ڇڏيا آهن. ڊاڪٽر صفدر عباسي چيو ته هاڻي سنڌ مٿان رحم ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ جو سنڌ جو اڳ ئي تمام گهڻو نقصان ٿي چڪو آهي، سنڌ تباهي جي ڪناري پهچي چڪي آهي، هن وقت عوام ۾ برداشت جي قوت به ختم ٿي چڪي آهي.