اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سڄي ملڪ ۾ بجلي جي کوٽ وڌي وئي آهي. ملڪ ۾ بجلي جي طلب 24 هزار 500 ميگاواٽ ۽ پيداوار 18 هزار 655 ميگاواٽ آهي، شارٽ فال جي ڪري ٻهراڙين ۾ 6 کان 8 ڪلاڪ ۽ شهري علائقن ۾ 4 کان 6 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي. ذريعن موجب پن بجلي ذريعن مان 5 هزار ميگا واٽ بجلي پيدا ڪئي پئي وڃي. سرڪار ٿرمل پاور پلانٽس 975 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪري رهي آهي. نجي شعبي جي بجلي گهرن مان پيدوار 8 هزار 350 ميگا واٽ، ونڊ پاور پلانٽس مان 790 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي رهي آهي. سولر پاور پلانٽس مان 200، بگاس مان 140 ۽ نيو ڪليئر پاور پلانٽس مان 3 هزار 200 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي رهي آهي. شارٽ فال سبب ٻهراڙي وارن علائقن ۾ 6 کان 8 ڪلاڪ ۽ شهري علائقن ۾ 4 کان 6 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي. لائن لاسز وارن علائقن ۾ 12 کان 14 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي.