سپريم ڪورٽ ملڪ ۾ اسلامي صدارتي نظام نافذ ڪرڻ بابت داخل ڪرايل درخواست خارج ڪري ڇڏي

0
69
سپريم ڪورٽ سمورن صوبن کي 15 جولاءِ تائين موسمياتي تبديلي لاءِ عملي قدم کڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
سپريم ڪورٽ سمورن صوبن کي 15 جولاءِ تائين موسمياتي تبديلي لاءِ عملي قدم کڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

سپريم ڪورٽ ملڪ ۾ اسلامي صدارتي نظام نافذ ڪرڻ بابت داخل ڪرايل درخواست خارج ڪري ڇڏي، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ جڙيل بينچ ٻڌڻي هلائي

 درخواست گذار چيو ته پاڪستان ۾ اسلامي صدارتي نظام جو نفاذ چاهيون ٿا

 چيف جسٽس چيو ته اسان به اسلامي نظام چاهيون ٿا، پاڪستان ۾ پارلياماني نظام قائم آهي، توهان پاڪستان جو آئين پڙهي وٺو، آئين جي ڪتاب جو رنگ سبز آهي

چيف جسٽس چيو ته آئين ۾ الله جي نظام جو ذڪر آهي، آئين جي آرٽيڪل 227 مطابق ڪو به قانون قرآن ۽ سنت جي ابتڙ نه ٿو ٺهي سگهي، ڇا توهان کي انهن ڳالهين تي اعتراض آهي؟
چيف جسٽس درخواست گذار سان ڳالهائيندي چيو ته ڇا توهان صدارتي نظام ۾ صدر ٿيڻ چاهيو ٿا؟ توهان ڇو سمورا اختيار هڪ اڪيلي شخص کي ڏيڻ لاءِ صدارتي نظام چاهيو ٿا؟

 درخواست گذار چيو ته مون کي آئين جو مطالعو ڪرڻ جي مهلت ڏيو، چيف جسٽس چيو ته هيءَ درخواست خارج ڪري رهيا آهيون، توهان آئين جو مطالعو ڪرڻ بعد نئين درخواست داخل ڪرائجو، عدالت درخواست خارج ڪري ڇڏي