سٺ ميل (ن پ ا) سٺ ميل ڀرسان معصوم ٻالڪ پير ترڪڻ سبب شاخ ۾ ٻڏي فوت، گهر ۾ ڪهرام. خبر موجب سلطان موري وٽ رمضان مري جو ٽن سالن جو پٽ محمد عمر سيٺارڪي شاخ ۾ پير ترڪڻ سبب ٻڏي فوت ٿي ويو، ٻالڪ جو لاش 6 چڪ ڀرسان مجيد ڪاٺي وٽان شاخ مان هٿ ڪيو ويو، ٻالڪ جو لاش گهر آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو.