سِنڌ اها سرزمين آهي جنهن سُر تي سِر ڏنو آهي، ميوزڪ ٽيچر ڀرتي ڪرڻ جي مخالفت قبول نه ڪبي؟ سوشل ميڊيا تي بحث

0
121
سِنڌ اها سرزمين آهي جنهن سُر تي سِر ڏنو آهي، ميوزڪ ٽيچر ڀرتي ڪرڻ جي مخالفت قبول نه ڪبي؟ سوشل ميڊيا تي بحث

 سنڌ ۾ ميوزڪ ٽيچر ڀرتي ڪرڻ واري معاملي تي سوشل ميڊيا تي بحث شروع ٿي ويو آهي جنهن ۾ ڪجهه ماڻهو ميوزڪ ٽيچر ڀرتي ڪرڻ جي حمايت ڪري رهيا آهن ته ڪجهه وري مخالفت ڪري رهيا آهن، ڀرتين جي طريقيڪار تي به سوال اٿاريو ويو، ان حوالي سان روشن برهماڻي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ميوزڪ ٽيچرس جي ڀرتين جي قدم کي بهتر قدمي سمجهون ٿا، انجي مخالفت جهالت ۽ تنگ نظري آهي جنهن کي سنڌ ڪڏهن به قبول نه ڪندي! مطالبو اهو هئڻ گهرجي ته رڳو استادن جي ڀرتي ڪافي ناهي پر اسڪولن ۾ ميوزڪ جي ڪلاسن جو پورو بندوبست هجي، انعام الله شيخ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته وڏو عرصو ملندي به سردار شاهه سٺي ٽيم،روڊ ميپ۽ جديد ويزن ڏيڻ بجاءِ روايتي وزير وانگر رهيو،پر چند چڱن قدمن مان هڪ ميوزڪ ڪلاس به اٿس، جنهن تي فقير غلام شاهه لکيو ته ڪتاب کڻي نه مليا خير آهي پر ميوزڪ استاد ته ملي ويا، دلشاد ڀٽو لکيو ته ٽيم ته اٿس.باقي اوھان ٽيم ۾ شامل نه ٿيا. محمد بخش سومرو لکيو ته سر ھن جا ھٿ پير ٻڌل ھئا تنھن ھوندي به ھن وڏي ڪوشش ڪئي، بيمار ذهن وڏيرن، پيرن تي هٿ رکي ھلڻ وارن سان گڏ ڪم ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم هو، راز شاهاڻي لکيو ته ميوزڪ ٽيچرس جي سليڪشن ۾ ميرٽ نظر اچي ٿي اوهان کي ؟ ابو علي لکيو ته ھنن جي اندر جي ٻڙڌڪ جي ٻولي ،رنگ ڍنگ ڏاڍو قابل رحم آھي، علي گل کهڙو لکيو ته ميوزڪ ٽيچر جو داد ڏيون ٿا، رسول بخش ٿيٻو لکيو ته چڱو ٿيو جو آخر ميوزڪ ٽيچر ڏيئي ويو، احمد مغيري لکيو ته تعجب آھي اوھان تي تعليم جو ٻيڙو اڳ ئي ٻڏل آھي مٿان وري طبلا باجا، قريشي حفيظ عقيلي لکيو ته ڪو به ميوزڪ ٽيچر ميرٽ تي ڀرتي نه ٿيو ھوندو. آهوجا وجي لکيو ته اهو سچ آهي، قاضي رزاق لکيو ته ميوزڪ جو شعبو يونيورسٽين ۾ اڳي ئي آھي. اتي جيڪو جنھن شعبي ۾ وڃي اھو انجي مرضي تي آھي. ان کي مضبوط ڪن . باقي اسڪولن جي حوالي سان شاگردن جو وقت وڃائڻ کانسواءِ ڪجھه به ناهي . نور نبي ڪمانگر لکيو ته سردار شاهه ان عرصي دوران پنهنجي نياڻي سرڪاري اسڪول داخل ڪرائي اسيمبلي ۾ قومپرستن جي انداز سان تقريرون ڪيون، ريحان علي لکيو ته ڳايو وڄايو، پڙھڻ کان سواءِ نوڪري وٺو، جيئو جيئو، محمد نياز اي کوکر لکيو ته تعليم وڌيڪ تباهه ٿيندي، شفقت پيرزادو لکيو ته ھاڻي قوم وتي طبلو وڄائيندي، غلام علي سيد لکيو ته ڇا توھان سردار شاھ کي ان پائي جو ويزنري ماھر تعليم سمجو ٿا يا ھن ۾ ٽيم جوڙڻ جا اھڙا جوھر آھن يا روڊميپ ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت آھي، عبدالغفور رند لکيو ته ها بس ڪجھ ڪلاڪار تاحيات دعائون ڏيندس باقي هن فيصلي سان ڪھڙو فائدو، ارشاد شيخ لکيو ته شڪر ڪيون جو تعليم جو وزير ھو ۽ ان کاتي ۾ ميوزڪ ٽيچر ڀرتي ڪيا، ايريگيشن ۾ ھجي ھا ته اتي وري داروغن بدان ميوزڪ ٽيچر رکي ھا . علي رند لکيو ته سردار شاھ کي سندس فرمائش مطابق آفيسر مليا. اوھان الائي ڇو سندس نيت تي ڍڪ رکندي ڏوھ وڃي ٽيم نه ھجڻ تي رکيو.  غلام علي سيد به ردعمل ڏنو، امام بخش سڪندري لکيو ته تعليم جي اڳ تباهي لڳي پئي آهي ،سنڌ جي ٻهراڙين توڙي شهرن ۾ ٻارن جي دلچسپي ناهي ،وري ميوزڪ ٽيچر آڻي ٻارن کي تعليم هٿ سان خراب ٿو ڪيو وڃي، سيفي ابڙو لکيو ته سائين پنهنجي ايامڪاري ۾ ڪيترا اسڪول وزٽ ڪيا… ڪهڙن ڏورانهن علائقن ۾ وڃي اسڪول وزٽ ڪيا ۽ مسئلن مشڪلاتن ۽ ضرورتن جو جائزو ورتو ۽ پنهنجن زيردست آفيسرن جي ڪارڪردگي چيڪ ڪئي.. لياقت ميراني لکيو ته پاڻ کي تعليم جي خبر نه اٿس. ثقافت فٽ اٿس پيو ميلا ڪرائي مال ورهائي، شهنيلا علي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته مون زندگيءَ ۾ ڪافي مشڪلاتن سان ويڙهه ڪئي آهي ۽ جنگ جوٽي آهي پنھنجن پراون جا رويا ڏٺا، دوکا کاڌا مطلب، ته زندگي مايوس ڪيو ماڻهن نراش ڪيو هن ماحول ۾ آئون ٿورائتي آهيان سردار شاهه  ۽ سيڪريٽري تعليم اڪبر لغاري جي جن مون سميت ڪيترن ئي فنڪارن کي روزگار ڏئي خوش ڪيو. مون تقريبن ميڊيا کان ڪنارا ڪشي ڪري ڇڏي هئي ڇو ته مون جهڙن فنڪارن کي هن وقت ۾ ٻڌو گھٽ ٿو وڃي ماڻهن جو ذوق بدلجي ويو آهي شايد. اهڙي وقت ۾ نوڪري ملڻ تحفي مثل آهي آئون انشاءَ الله ايمانداري سان هي ذميواري نڀائينديس. جنهن تي پرويز شمس ڪلوڙ لکيو ته مفت ۾ نوڪري ملڻ تي واقعي ئي گھڻي خوشي ٿيندي آھي سردار شاھ الائي ڪيترن کي مفت ۾ نوڪري ڏئي خوش ڪيو آھي. راشد محمود سومرو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته جنهن کي پنهنجا ٻار انجنيئر ڊاڪٽر سائنسدان سياستدان تعليم يافته حافظ عالم مفتي بڻائڻ بدران ناچو بڻائڻا آهن ضرور بڻائي ڇو ته اها خواهش سنڌ لٽيندڙ مافيا جي آهي ته سنڌي قوم ناچو ۽ پيناگر بڻجي اڳتي ترقي نه ڪري پر سنڌ دشمن مافيا جو خواب جمعيت علماءَ اسلام چڪنا چور ڪندي، پهريان سنڌ ۾ 70 لک تعليم کان محروم ٻارن جي تعليم جو فڪر ڪجي يا اسڪول ۾ ميوزڪ ٽيچرن جي ڀرتي ڪرڻ جو؟ ميوزڪ ٽيچر ڀرتي ڪرڻ اسلام جي تعليمات جي خلاف آهي، وقار ملاح راشد محمود جي پوسٽ تي ردعمل ڏيندي لکيو ته منهنجي تمام غلطين مان تاريخ جي هي به ھڪ اھم غلطي ھئي جڏھن مون ھن مولانا  کي اجرڪ پارائيندي اُهو چيو هيو ته توھان شهيد جو اولاد آهيو ڪڏهن به اسان جي لائيڪ ڪا خدمت هجي ته حاضر آھيون ، پر اڄ هنن جا موسيقي جي لاءِ هي انتھا پسندنا بيان ٻڌي تمام افسوس ٿيو ۽ پاڻ تي به ڪاوڙ ٿي اچي ، ياد رکو سِنڌ اُھا سرزمين آهي جنهن سُر تي سِر ڏنو آهي ، جي ڪڏهن تون اسان کي اسڪولن تائين پهچڻ نه ڏيندي ته ياد رک اسان توکي ڪڏهن به ايوانن تائين پهچڻ نه ڏينداسين،  اسان پنهنجا تبل تمبورا يڪتارا کڻي لطيف جي رسالي سان گڏ تُنهنجي  مخالفت ڪنداسين ، ايندڙ اليڪشن ۾ اسان تمام فنڪار تٌنهٌنجا رستا روڪ ڪنداسين. جامي چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ميوزڪ ٽيچرس جي ڀرتين جي قدم کي بهتر پيش قدمي سمجهئون ٿا، انجي مخالفت جهالت ۽ تنگ نظري آهي جنهن کي سنڌ ڪڏهن به قبول نه ڪندي! مطالبو اهو هئڻ گهرجي ته رڳو استادن جي ڀرتي ڪافي ناهي پر اسڪولن ۾ ميوزڪ جي ڪلاسن جو پورو بندوبست هجي! جنهن تي آصف چانڊيو لکيو ته ميوزڪ ٽيچرس جو اسڪولن ۾ ھجڻ ٻارڙن لاءِ ذهني سڪون ۽ انٽرٽينمينٽ جو بھترين ذريعو آهي ان سان ٻارڙن جو ذهن ھڪ جاءِ تي پريشان ۽ بي سڪون نه رھندو ويتر تعليم جي وڌاءَ ڏي ٻارڙا شوق سان وڌندا جيڪڏهن علم دل ۽ ذهن جي اوسر آهي ته ميوزڪ روح جي اوسر آهي آئون ھن معاشري جو ھڪ استاد آهيان پر ان ڳالھه جو ڪڏهن به مخالف نه ٿيندس ته ميوزڪ يا ٻي ڪا به ٻارڙن کي روحاني سکيا نه ھجي اھو ڪو نئون ڪم ته نه آهي ڪافي سال اڳ ۾ جڏهن توهان يا اسان پرائمري ھاءِ يا ٻين اسڪولن ۾ پڙهندا ھئاسين ته ان وقت ميوزڪ جي مختلف طريقن سان شاگردن کي انٽرٽينمينٽ ڪيو ويندو هو ڄڻ اھو دور وري واپس پيو اچي، دليپ رتناڻي پوسٽ شيئر لکيو ته ميوزڪ ٽيچر ٽوٽل گهڻا ڀرتي ٿيا آهن ؟ ڪهڙي اسڪيل ۾ ڀرتي ٿيا آهن ؟ ڇا سنڌ حڪومت ميوزڪ ٽيچرس کي به ٽريننگ ڏيندي ؟ ڇا ميوزڪ سان لاڳاپيل ساز ۽ سامان هر اسڪول کي مهيا ڪيا ويندا يا نه ؟ اصغر مڱريو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ايندڙ ڏهه سالن کانپوءِ موسيقي ٻُڌڻ وارا گهٽ ڳائڻ وارا وڌيڪ هوندا.. ديبا سحر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ميوزڪ ٽيچر وضاحت ، الاهي ماڻهن جي پڇا ڪرڻ بعد اها وضاحت ڪجي ٿي پهرين ڳالھه ته مان پنهنجي گهر ۽ پنهنجي فن ۾ الاهي مصروف آهيان ٻي ڳالھه هي فن سمنڊ آهي في الحال مان خود هن فن جي شاگرد آهيان اسان اڃا خود ئي موسيقي جي پهرين الف واري ڏاڪي تي بيٺا آهيون اهو وڏن نالي وارن استاد گوين جو حق هو ليڪن it’s very unfortunate  اهي عمر جي پابندي جي ڪري رهجي ويا آخري ڳالھه الله پاڪ هٿ پير ڏنا آهن پنهنجو ڪم ڌنڌو ڪبو جيڪو نوڪري کان بهتر آهي تنهن لاءِ پاڻ ان نوڪري ۾ نه ڪو intrest ورتو نه اپلاءِ ڪيو.