سيپٽمبر ۾ مهانگائي ڪيتري وڌي؟ شماريات کاتي جي رپورٽ جاري

0
201
سيپٽمبر ۾ مهانگائي ڪيتري وڌي
سيپٽمبر ۾ مهانگائي ڪيتري وڌي؟ شماريات کاتي جي رپورٽ جاري

اسلام آباد: شماريات کاتي جي رپورٽ موجب سيپٽمبر مهيني ۾ مهانگائي جي شرح ۾ 9 سيڪڙو اضافو ٿيو جيڪو آگسٽ ۾ 8.4 سيڪڙو هو. رپورٽ موجب سيپٽمبر ۾ شهرن ۾ مهانگائي جي شرح ۾ 2 سيڪڙو جڏهن ته ٻهراڙين ۾  2.29 سيڪڙو اضافو ٿيو، اهڙي ريت شهري علائقن ۾ 9.13 سيڪڙو ۽ ٻهراڙين ۾ مهانگائي جي شرح8.77 سيڪڙو رهي.

سيپٽمبر ۾  ڪڪڙ 42.4 سيڪڙو ، بصر 32.49 سيڪڙو ، دال 15.7 سيڪڙو ۽ آنا 14.6 سيڪڙو وڌي ويا. جڏهن ته هڪ مهيني ۾ اٽو 9.69 سيڪڙو ۽ ڪڻڪ 7.31 سيڪڙو ٿي وئي.

رپورٽ مطابق دال 5.98 سيڪڙو ، سرنهن جو تيل 4.56 سيڪڙو ، ڀاڄيون 3.9 سيڪڙو ، ڪوڪنگ آئل 3.64 سيڪڙو ، کنڊ 3.04 سيڪڙو ، چانهه 2.78 سيڪڙو ، ننڍو گوشت 2 سيڪڙو وڌيڪ مهانگو ٿي ويو. ، بجلي 11.40 سيڪڙو ۽ ايل پي جي 7.22 سيڪڙو مهانگي ٿي.